ربيع الاول جي مهيني دوران سنڌ ۾ غيرمعمولي سيڪيورٽي انتظامات جو فيصلو

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار اعلان ڪيو آهي ته ربيع الاول جي مهيني ۾ ٿيندڙ محفلن، اجتماعن ۽ جلوسن لاءِ صوبائي سطح تي سخت ۽ غيرمعمولي سيڪيورٽي انتظامات ڪيا ويندا صوبي جي گهرو وزير چيو ته پوليس، رينجرز، ضلعي ۽ زونل سطح تي سيڪيورٽي جو جامع پلان تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مذهبي عالمن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو۔ضياءُالحسن لنجار جو چوڻ هو ته ڪنٽي جينسي پلان تي عملدرآمد، بين المسالڪ هم آهنگي ۽ امن قائم رکڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا۔ 12 ربيع الاول جي جلوسن ۽ اجتماعن کان اڳ اهم هنڌن تي ٽيڪنيڪل سوئپنگ ۽ ڪليئرنس 24 ڪلاڪ اڳ مڪمل ڪئي ويندي ان موقعي تي هن ٻڌايو ته جلوسن جي رستن ۽ اجتماع گاهن تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس اهلڪار موجود هوندا، جڏهن ته سينٽرل پوليس آفيس ۾ قائم ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۽ وائرليس ڪنٽرول رومز ذريعي سڄي صورتحال تي نظر رکي ويندي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته جلوسن جي رستن تي پارڪنگ جي سختي سان پابندي هوندي، گاڏيون صرف مخصوص هنڌن تي بيهارڻ جي اجازت هوندي ۽ سول ڪپڙن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار نگراني لاءِ مقرر ڪيا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو