ڪراچي سنڌ حڪومت پاران صوبائي ڪابينه جي ٽن وزيرن کي يونيورسٽين جو پرو چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جو گهرو وزير ضياءُ حسين لنجار لا يونيورسٽين جو پرو چانسلر هوندو، جڏهن ته تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه جنرل يونيورسٽي جو پرو چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو کي انجنيئرنگ يونيورسٽي جو پرو چانسلر بڻايو ويو آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ استادن ۽ وفاقي هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) پاران سنڌ جي يونيورسٽين ۾ بيورو ڪريٽس کي وائس چانسلر لڳائڻ جي مخالفت ڪئي وئي هئي.
ان وقت چيئرمين ايڇ اي سي ڊاڪٽر مختار احمد زور ڏنو هو ته وائس چانسلر جي مقرري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اهليت ۽ معيار جو خيال رکڻ ضروري آهي. هن خبردار ڪيو هو ته اهڙي قدمن سان يونيورسٽين جي تعليمي آزادي، انتظامي نظام ۽ معيار تي سنگين اثر پئجي سگهن ٿا، جنهن سان اصلاحات بدران نوان مسئلا پيدا ٿيندا.
