فيض گنج: استاد پاران شاگردياڻي کي جنسي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف، ڊي اي او پاران جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

فيض گنج (رپورٽ) ـ گرلز ايليمينٽري اسڪول پڪاچانگ ۾ هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي يارهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي کي استاد مبينا طور جنسي طور حراسان ڪندو رهيو. متاثر نياڻي جي والد محمد شاهد چانگ ٻڌايو ته استاد محسن چانگ ڪافي عرصي کان فون ڪالن ۽ ميسيجز ذريعي سندس ڌيءَ کي دوستي لاءِ تنگ ڪندو رهيو، جنهن جا ثبوت ۽ فون رڪارڊ به هن آفيسرن کي مهيا ڪيا آهن. والد جو چوڻ آهي ته نياڻي وڏي حوصلي سان سڄو معاملو کيس ٻڌايو جنهن بعد فوري طور ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (ڊي اي او) کي شڪايت ڪئي وئي. ڊي اي او سميع ڀنڀرو معاملي جو نوٽيس وٺندي شفاف جاچ لاءِ ٽن رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي جي سربراهه آپا فاطمه شر آهي، جڏهن ته ٽي اي او محمد منير راڄپر ۽ ٽي اي او بخش علي مري ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. ڪميٽي ميمبر ٽي اي او منير راڄپر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته: “نياڻي سان ٿيل حراسان ڪرڻ جي معاملي تي ڊائريڪٽر سکر جي هدايت تي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. اسان مڪمل غيرجانبدار جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائينداسين.” متاثر نياڻي جي والد مطالبو ڪيو آهي ته جاچ مڪمل ايمانداري سان ڪئي وڃي ۽ اهڙي ڪردار جي استاد خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ٻيون نياڻيون اهڙي ذلت جو شڪار نه ٿين.

پنھنجي راءِ لکو