ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتون، ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا

اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب زندگي جي معمولات متاثر ٿي ويا آهن.

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات کان پوءِ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي. بهاره ڪهواڻهال چوڪ پاڻي ۾ ٻڏي ويو، جتي پاڻي گهرن ۽ دڪانن اندر داخل ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترائي گاڏيون به پاڻي ۾ ڦاسي ويون.

برسات کان پوءِ اسلام آباد ۾ راول ڊيم جا اسپيل کوليا ويا. انتظاميه طرفان مارگله هِلز جي ٽريل 2، 3، 4 ۽ 5 بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيدپور ڳوٺ جي پٺيان موجود ٽريل به عارضي طور بند ڪئي وئي آهي پنجاب جي شهرن چيچه وطني، حافظ آباد، چنيوٽ، گجرات، ڪماليه، ڪوٽ ادو ۽ گوجره ۾ به هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. هوڏانهن پشاور، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان سميت خيبرپختونخواهه جا ڪيترائي علائقا به برسات سبب متاثر ٿيا آهن ڊيره اسماعيل خان ۾ تيز برسات ۽ طوفاني هوائن سان ڇتون ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 40 زخمي ٿي پيا. ڪيترن ئي علائقن ۾ وڻ ڪرڻ ۽ بجليءَ جا تار ٽٽڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. مردان ۾ به برسات دوران ڪمري جي ڇت ڪرڻ ڪري هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا ٻئي طرف اسڪردو ۾ به اڄ کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اختيارين طرفان مقامي ماڻهن ۽ سياحن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي گلگت درياءَ ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن تحت درياءَ ڪناري تي موجود سمورا هوٽل بند ڪري ڇڏيا ويا آهن، جڏهن ته تعليمي ادارا سومر تائين بند رهندا واضح رهي ته نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) 30 آگسٽ تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ تيز برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي

پنھنجي راءِ لکو