وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو رائيونڊ تبليغي مرڪز جو دورو،

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي رائيونڊ ۾ تبليغي مرڪز جو دورو ڪيو، جتي هن تبليغي جماعت جي عالمن سان ملاقات ڪئي. دوري دوران گهرو وزير تبليغي اجتماع لاءِ ايندڙ پرڏيهي وفدن جا ويزا مسئلا حل ڪرائڻ جي به پڪ ڏيار ڪئي. ملاقات ۾ مولانا محمد احمد بٽلر، مولانا عبيدالله خورشيد، ڊاڪٽر سليم، انوار غني، ميان احسن، ڊاڪٽر نديم اشرف، مولانا عامر احسان، مولانا امجد فاروق، شبير احمد عثماني، مفتي عرفان ۽ بريگيڊيئر (ر) مصدق پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ عالمي تبليغي اجتماع جي انتظامن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. تبليغي جماعت جي اڪابرين گهرو وزير کي اجتماع جي تيارين کان آگاهه ڪيو، جنهن تي محسن نقوي تبليغي جماعت جي دين اسلام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪيل خدمتن جي واکاڻ ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته پرڏيهي ملڪن کان ايندڙ وفدن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته جتي به ويزا جو مسئلو پيش آيو، ان کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرايو ويندو. “تبليغي اجتماع ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ وفد اسان جا معزز مهمان آهن، انهن لاءِ هر سطح تي آسانيون پيدا ڪيون وينديون.” هن اهو به ٻڌايو ته هو هر سال باقاعدگي سان تبليغي اجتماع ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ هن سال به شرڪت ڪندا. ان موقعي تي مولانا محمد احمد بٽلر چيو ته “سڀني کي الله تعاليٰ ڏانهن واپس موٽڻو آهي، تنهن ڪري اسان کي دين اسلام ۽ انسانيت جي خدمت کي اوليت ڏيڻ گهرجي.” هن وڌيڪ چيو ته “ڀلائي ۽ ڪاميابي صرف ان وقت ملي ٿي جڏهن انسان رب پاڪ جي ٻڌايل رستي تي هلندو آهي.”

پنھنجي راءِ لکو