وڳڻ ڀرسان جھيڙي ۾ نوجوان قتل، وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

وڳڻ (رپورٽ) ـ ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران نوجوان نواب علي چانڊيو گولين جو نشانو بڻجي حياتي وڃائي ويٺو. قتل بعد مقتول جي ڀائرن ۽ برادري جي ٻين ماڻهن لاش کڻي وڳڻ انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪراچي ـ لاڙڪاڻو روٽ تي ٽريفڪ ڪلاڪن تائين مڪمل معطل رهي.اطلاع تي ڊي ايس پي وڳڻ ايٽ نصيرآباد مزمل سومرو ۽ ايس ايچ او وڳڻ انسپيڪٽر انور علي ابڙو ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڌرڻي واري هنڌ پهتا. پوليس پاران وارثن کي يقين دهاني ڪرائي وئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ روڊ تي ٽريفڪ بحال ٿي وئي.

پنھنجي راءِ لکو