گجرات ضلعي جي علائقي مهسم ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران اوور نه ڏيڻ جي تڪرار وڏي سانحي ۾ بدلجي ويو، جنهن ۾ فائرنگ سبب ٻه سڳا ڀائر جان وڃائي ويٺا جڏهن ته سندن مامو سخت زخمي ٿي پيو۔ پوليس موجب، هڪ هفتو اڳ ميچ دوران تڪرار ٿيو جنهن تي جوابدار غصي ۾ اچي ٽيم جي ڪپتان، سندس ڀاءُ ۽ مامي تي فائرنگ ڪري ڏني۔ ڪپتان گرائونڊ ۾ ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو به ڪجهه ڏينهن تائين حياتيءَ سان جهيڙڻ بعد فوت ٿي ويو۔ واقعي ۾ زخمي ٿيل سندن مامو اڃا تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي۔ پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔
