ٻٻرلوءِ: آءِ بي اي پاران ورتل PST ۽ JEST ٽيسٽ ۾ 40 کان وڌيڪ نمبر کڻندڙ اميدوارن پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ۽ قومي شاهراهه جا ٻئي پاسا بند ڪري ڇڏيا. احتجاج ڪندڙ استادن جو چوڻ هو ته کين ميرٽ تي نوڪري ڏيڻ بدران سياسي بنيادن تي ۽ پئسن عيوض آفر آرڊر ورهايا ويا آهن اميدوار اڳواڻن ٻڌايو ته هوڏانهن هڪ مهينو کان وڌيڪ وقت ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ڏئي ويٺا رهيا، بعد ۾ 18 ڏينهن جو پيادل مارچ ڪندي ٻٻرلوءِ پهتا آهن، پر حڪومت مسلسل سندن جائز مطالبن تي ڪن نٿي ڌري احتجاجي استادن ٻن ڏينهن تائين قومي شاهراهه بند رکڻ جو اعلان ڪندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته پوءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪندا. اڳواڻن چيو ته حڪومت کين ڳالهين لاءِ به تيار ناهي، تنهن ڪري مجبور ٿي شاهراهه بند ڪئي وئي آهي سندن موقف هو ته:ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن.آفر آرڊر خريد ۽ فروخت جو سلسلو هلي رهيو آهي اسان پنهنجا حق وٺي پوءِ ئي واپس وينداسين.
