دير بالا ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جو ڪامياب آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا

خيبرپختونخواهه جي ضلعي دير بالا ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي پاران دهشتگردن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو، جنهن ۾ 5 دهشتگرد هلاڪ ٿي ويا. رپورٽن موجب، دير بالا جي علائقي دوبندو سلام ڪوٽ ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو۔ اهي دهشتگرد ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس تي حملي ۾ ملوث هئا۔
آپريشن دوران 4 دهشتگردن جا لاش فوري طور مليا، جڏهن ته هڪ لاش صبح سوير هٿ آيو۔ 3 لاش دير بالا اسپتال منتقل ڪيا ويا شهري ۽ اهلڪار متاثر فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ شهري به مارجي ويو، جڏهن ته 8 پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿيا، جن جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي مارجي ويل شهري جي جنازي نماز پوليس لائين ۾ ادا ڪئي وئي، جتي سندس قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويومقامي ماڻهن جو ساٿ آپريشن دوران مقامي ماڻهن پڻ پوليس جو ڀرپور ساٿ ڏنو۔ علائقي ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشه ورانه ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي پئي وڃيآءِ جي پوليس جو ردعمل انسپيڪٽر جنرل آف پوليس خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد ڪامياب آپريشن تي پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيوهن چيوم “پوليس جا بهادر جوان پاڪ سرزمين جي حفاظت لاءِ هر وقت الرٽ آهن۔ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان پنهنجي ذميواري نڀائينداسين۔ آءِ جي وڌيڪ چيو ته پوليس جي جوانن جي جذبي ۽ بهادري تي اسان کي فخر آهي، اهي ملڪ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهن ۽ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندا رهندا۔

پنھنجي راءِ لکو