هنګو ـ خيبرپختونخواهه جي ضلعي هنگو جي علائقي طوره وڙي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، جنهن ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا. ايس پي آپريشنز اسد زبير موجب دوآبه علائقي ۾ ايف سي جي قلعي تي اوچتو حملو ڪيو ويو. پوليس اختيارين ٻڌايو ته حملي ۾ ايف سي جا 3 جوان شهيد ۽ 17 زخمي ٿيا، جن کي فوري طور دوآبه اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ۽ ايف سي جي جوابي ڪارروائي کان پوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته فيڊرل ريزرو پوليس جي بهادر جوانن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو. پنهنجي بيان ۾ هن شهيد جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي وارثن سان دلي همدردي ۽ زخمين لاءِ بهترين علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. محسن نقوي چيو ته شهيد جوانن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا، انهن جي قربانيون رائيگان نه وينديون، جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.
