ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد طاهر خان کوسو ڪالوني ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو. رپورٽ موجب جوابدار سبحان پٽ رمضان لاشاري پنهنجي پٽ اعجاز علي لاشاري سان گڏجي حصو گهرندڙ پنهنجي ننڍن ويڳي ڀائرن شاهد ۽ زاهد لاشاري مٿان لٺين سان حملا ڪيا، جنهن سبب ٻئي سخت زخمي ٿي پيا زخمي شاهد لاشاري پنهنجي ماءُ سهاڳڻ خاتون، ڀيڻ رابعه ۽ ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته حصو گهرڻ تان جوابدارن مٿن وحشيانا تشدد ڪيو آهي مظاهرين الزام هنيو ته ڪوبه سندن واهر ڪرڻ وارو ناهي. هنن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته جوابدار سبحان لاشاري ۽ سندس پٽ کي فوري گرفتار ڪري کين پنهنجو قانوني حصو ڏياري انصاف ڪيو وڃي.
