ڀارت جو پاڪستان سان رابطو: سنڌ طاس معاهدي تحت امڪاني وڏي ٻوڏ بابت اڳواٽ اطلاع

اسلام آباد ـ ڀارت پاڪستان کي سنڌ طاس معاهدي جي تحت ٻوڏ جي امڪاني صورتحال بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري ذريعن موجب ڀارت طرفان ٻڌايو ويو آهي ته طوي درياءَ ۾ جمون واري هنڌ تي وڏي ٻوڏ جو امڪان آهي، جنهن جي حوالي سان اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن پاڪستاني اختيارين کي اطلاع ڏنو آهي. ذريعن موجب ڀارت طرفان رابطو 24 آگسٽ جي صبح 10 وڳي ڪيو ويو، جنهن دوران امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کان اڳواٽ ڄاڻ پاڪستاني اختيارين تائين پهچائي وئي. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته مئي ۾ پاڪ-ڀارت جنگ کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هي نوعيت جو پهريون وڏو رابطو آهي. پاڪستاني حڪومت ڀارت جي ڏنل ڄاڻ جي روشني ۾ اڳواٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي. انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

پنھنجي راءِ لکو