ڪنڌڪوٽ: پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو فائرنگ ۾ نوجوان الطاف علي ڀٽو قتل

ڪنڌڪوٽ: پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو فائرنگ ۾ نوجوان الطاف علي ڀٽو قتل

ڪنڌڪوٽ: بخشاپور لڳ بنگوار ۽ ڀٽا برادرين جي وچ ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار ٻيهر شدت اختيار ڪري وريو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته بنگوار برادري جي هٿياربندن ڀٽا برادري جي هڪ نوجوان مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 22 سالن جو الطاف علي ولد الله وڌايو ڀٽو قتل ٿي ويو.

نوجوان الطاف علي، جيڪو ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هو، صبح جو پنهنجي ڳوٺ واپس اچي رهيو هو، ته رستي ۾ هٿياربندن سندس قتل ڪيو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن کي حوالو ڪيو ويو،

ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ بنگوار ۽ ڀٽا برادرين وچ ۾ معمولي تڪرار سبب ڇڪتاڻ ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 6 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. هن نئين واقعن سان ڳوٺ ۾ خوف ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، هن وقت تائين معاملي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو

پنھنجي راءِ لکو