پوليس ڪاروائي ڪندي ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ايس ايس پي پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گردواڙا مندر ڀرسان ڪاروائي ڪندي شھر مان ڦرون ڌاڙا ۽ مختلف ڏوھ ڪندڙ جوابدار عبدالوحيد کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن گرفتار جوابدار جي قبضي مان ھڪ پسٽل به ھٿ ڪيو ويو آهي، زخمي جوابدار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار مختلف ڏوھي وارداتن ۾ ملوث آهي، وڌيڪ رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.
