ڪنڌڪوٽ سنڌ سرڪار پاران ملازمن جي پينشن قانون ۾ آندل ترميمن، رٽائر ملازمن سان ٿيندڙ زيادتين، فوتي ڪوٽا تي ڀرتي نه ٿيڻ ۽ انشورنس رقم نه ملڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ آبپاشي کاتي جي ملازمن پاران گڊو بئراج وٽ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو.
احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻ عطا ﷲ ڪنڀر، ايريگيشن ملازم يونين اڳواڻ سنجر سميجو، مختيار ڪلوڙ ۽ ٻين ڪئي. مظاهرو ڪندڙن سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته جيڪي سهولتون ٻين صوبن جي ملازمن کي حاصل آهن، ساڳيون سهولتون سنڌ جي ملازمن کي به ڏنيون وڃن. هنن چيو ته “اصلاح” جي نالي سان آندل پينشن ۾ ترميم کي رد ڪيو وڃي ۽ پراڻي پينشن قانون کي بحال ڪيو وڃي، مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوتي ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ رٽائرمينٽ بعد ملازمن جي انشورنس رقم فوري طور تي جاري ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
