ڪوئٽه–پشاور ٽرين سروس ٻوڏ سبب ٻن ڏينهن لاءِ معطل

ڪوئٽه ۽ پشاور جي وچ ۾ هلندڙ ٽرين سروس ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٻن ڏينهن لاءِ معطل ڪئي وئي آهي۔جعفر ايڪسپريس معطل ريلوي اختيارين موجب 25 ۽ 26 آگسٽ تي ڪوئٽه کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس روانو نه ٿيندو ٻين ٽرينن بابت صورتحال ڪوئٽه کان چمن پسينجر ٽرين پنهنجي مقرر وقت تي رواني ٿي مسافرن جي گهٽ تعداد سبب 2 مسافر گاڏيون معطل ڪيون ويون آهنبولان ميل (ڪراچي–ڪوئٽه) ۽ شاهه حسين ايڪسپريس (ڪراچي–لاهور) اڄ معطل رهنديونملت ايڪسپريس کي قراقرم ايڪسپريس ۾ ضم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قراقرم ايڪسپريس ڪراچي کان شام 5 وڳي روانو ٿيندو۔مسافرن لاءِ هدايتونريلوي اختيارين مسافرن کي صلاح ڏني آهي ته وڌيڪ ڄاڻ ۽ سهوليت لاءِ ڪراچي ڪينٽ ۽ لاهور اسٽيشن جي ريزرويشن آفيس سان رابطو ڪن۔

پنھنجي راءِ لکو