جعلي ڪرنسي ذريعي فراڊ ڪندڙ گينگ جا ٻه ڪارڪن گرفتار، نوٽ ۽ موٽرسائيڪلون هٿ

ڪنڌڪوٽ سٽي پوليس جعلي ڪرنسي ذريعي فراڊ ڪندڙ گينگ خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان جعلي نوٽ ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون.ايس ايڇ او سٽي ٿاڻو انسپيڪٽر غلام حيدر شاهاڻي ۽ ايس آءِ پي ڪاشف خان عملي سان گڏجي آپريشن ڪيو. فرياد ڪندڙ رحمت خان مري جي شڪايت تي ڄاڻايل گينگ خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 489-سي تحت ڪرائم نمبر 111/2025 داخل ڪيو ويو. شڪايت ۾ چيو ويو هو ته نوسرباز گينگ جعلي نوٽ استعمال ڪري فراڊ ڪيو ۽ هڪ موٽرسائيڪل خريد ڪئي.جاچ دوران پوليس گينگ جا ٻه ڪارڪن ــ علي حسن پٽ بشير احمد ماڇي ۽ محراب حسين پٽ گل محمد ڀٽي ــ کي گرفتار ڪري ورتو. شروعاتي جاچ ۾ ٻنهي جوابدارن معصوم شهرين سان فراڊ جا ڪيترائي انڪشاف ڪيا. پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان جعلي ڪرنسي نوٽ ۽ غيرقانوني طريقي سان حاصل ڪيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون. وڌيڪ جاچ جاري آهي.


پنھنجي راءِ لکو