گمبٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياءَ ۾ هڪ دفعو ٻيهر چاڙه سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن ڪري علائقي جا رهواسي شديد پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. تفصيل موجب، ٻوڏ جو پاڻي وڌڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو هڪ ٻئي سان زميني رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو آهي. ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهو پڪي طرف اچڻ لاءِ سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. غريب آبادگارن جا هزارين ايڪڙن تي تيار ڪيل فصل، جن ۾ وونئنڻ، جوئر، تر، ڪمند ۽ ڀاڄيون شامل آهن، پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي ٻوڏ جي ڪري ڳوٺ عثمان ناريجو، آچر جتوئي، علي مراد ڪلهوڙو، رانجهن ڪلهوڙو، گلاب ڪلهوڙو، عبدالرحمان ڪلهوڙو ۽ آدم خان ڪلهوڙو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جو هڪ ٻئي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. مال وند ماڻهو انتهائي پريشان ٿي پڪي طرف لڏپلاڻ شروع ڪري چڪا آهن. ان افسوسناڪ صورتحال جي باوجود، سنڌ سرڪار جي آبپاشي کاتي پاران هن وقت تائين نه ته برساتن ۽ نه ئي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به جوڳو قدم کنيو ويو آهي، جنهن سبب مقامي رهواسين ۾ ڪاوڙ ۽ بيچيني وڌي وئي آهي.
