پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو جي ڪچي واري علائقي، ٿاڻي فيض محمد ناريجو جي حد ڳوٺ امام بخش ناريجو ۾ مبينا فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ 12 ورهين جو نينگر سميع الله پٽ انور علي ناريجو سخت زخمي ٿي پيو.
زخمي نينگر کي تڪڙي طبي امداد لاءِ پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته سميع الله چوپايو مال چاري رهيو هو ته جتوئي برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو زخمي ٿيو.
ٻئي پاسي جتوئي برادري الزام رد ڪندي چيو آهي ته سندن هن واقعي سان ڪو به واسطو ناهي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ حقيقت سامهون آندي ويندي.
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي۔
