لاڙڪاڻي جي امن کي اڻڄاتل هٿن نظر لڳائي ڇڏي. باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڪنبي لاڙي وٽ لاڙڪاڻو–موئن جو دڙو روڊ تي هڪ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جتي ڦورن پيءُ ۽ سندس نوجوان پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو. وٺ ڪنڌر سهڙا جا رهواسي، پيرسن عبدالقادر سهڙو ۽ سندس نوجوان پٽ فاروق سهڙو، پنهنجي بيمار ڀاءُ کي علاج لاءِ صبو سويري لاڙڪاڻو اسپتال وٺي وڃي رهيا هئا. پر سندن زندگيءَ جو سفر اڌ ۾ ختم ٿي ويو. رستي ۾ هٿياربند ڦورن رڪاوٽ وڌي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي کين ڏنڊن سان ماريو ۽ فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪيو. ٻنهي پيءُ پٽ زخمن جي شدت سبب دم ڏئي ڇڏيو. اقعي کان پوءِ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو. لواحقين لاش روڊ تي رکي احتجاج شروع ڪيو، جنهن سبب لاڙڪاڻو، موئن جو دڙو، ڏوڪري ۽ باڊهه ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. مظاهرين جو مطالبو هو ته قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ باقراڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هٽايو وڃي.ڌرڻي واري هنڌ تي ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد علي ٽالپر ۽ ايس ايڇ او باقراڻي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، پر وارثن سندن وضاحت قبول نه ڪئي ۽ احتجاج جاري رکيو. پيءُ ۽ پٽ جي هڪ ئي وقت جنازي تي ڳوٺ ۾ روئڻ پئي، هر اک اشڪبار هئي. علائقي واسين چيو ته جيڪڏهن قاتلن کي فوري گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج کي وڌيڪ وڌايو ويندو.
