پريالوءِ: پريس ڪلب جي عهديدارن جي مان ۾ غلام شبير نوهاڻي جو آجياڻو

پريالوءِ (رپورٽر) ـ پريالوءِ پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ڊويزنل هاري ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري غلام شبير نوهاڻي پنهنجي رهائشگاهه تي آجياڻو ڏنو۔تقريب ۾ پريس ڪلب پريالوءِ جي صدر انور ناريجو، جنرل سيڪريٽري عمران علي اوڍو، سينيئر نائب صدر ظفر حسين بلوچ، پريس سيڪريٽري سرفراز احمد عباسي، عبدالسلام بلوچ، محمد عمر ڀٽو، عامر صوبل اوڍو، معروف احمد شيخ، سرفراز سومرو، عبدالوحيد ميمڻ سميت ڪيترن ئي صحافين شرڪت ڪئي۔غلام شبير نوهاڻي نون عهديدارن کي گلن جا هار پارائي ڀليڪار ڪيو ۽ سندن لاءِ نيڪ تمنائون ظاهر ڪيون۔ان موقعي تي صدر انور ناريجو خطاب ڪندي چيو ته پريس ڪلب پريالوءِ جا صحافي بنا ڪنهن فرق جي غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندا ۽ سماجي ذميواري نڀائيندا رهندا۔پريس سيڪريٽري سرفراز احمد عباسي ڳالهائيندي چيو ته غلام شبير نوهاڻي پاران پريس ڪلب جي عهديدارن جي مان ۾ دعوت ڏيڻ اسان لاءِ وڏي همٿ افزائي آهي، جنهن تي اسين سندس ٿورائتا آهيون۔


پنھنجي راءِ لکو