وزيرآباد (پنهنجي ڊيسڪ) ــ پنجاب ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳيون آهن، جڏهن ته وقت تي طبي سهولتون نه ملڻ جي ڪري هڪ عورت جا 3 معصوم ٻارڙا زندگي وڃائي ويٺا۔ريسڪيو اختيارين موجب ٻوڏ جي پاڻي سبب روڊ بند هجڻ ڪري اسپتال تائين رسائي ناممڪن ٿي وئي، جنهن سبب عورت کي وقت سر علاج نه ملي سگهيو۔ فوت ٿيندڙ ٻارن ۾ ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ شامل آهن۔متاثر عورت جو چوڻ آهي ته مقامي اسپتال ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيريل هئي، جيڪڏهن وقت تي طبي امداد ملي ها ته ٻارڙا بچي سگهيا ٿي۔ ياد رهي ته عورت 28 آگسٽ تي پهلڪو نالي ڀرسان هڪ گاڏي ۾ ٻارن کي جنم ڏنو هو۔ضلعي انتظاميه وضاحت ڪئي آهي ته متاثر خاندان جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيم پهتي، پر تيستائين ٻارن جي پيدائش ٿي چڪي هئي۔ انتظاميه دعويٰ ڪئي ته ماءُ ۽ ٻارڙن جي حالت صحيح هئي پر عورت اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هوٻوڏ سبب وزيرآباد ۾ زندگي جو نظام سخت متاثر ٿي ويو آهي، روڊ ۽ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ ڪري اچ وڃ ۾ وڏي رنڊڪ پيدا ٿي رهي آهي۔
