لاهور: پنجاب حڪومت فلڊ رليف آپريشن دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي فرقان احمد خان کي اعليٰ سول ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي۔ تفصيل موجب وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف مرحوم اي سي فرقان احمد لاءِ اعليٰ سول ايوارڊ ۽ سندس وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ روپيه گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔فرقان احمد خان ڪينسر جو مريض هجڻ باوجود 4 ڏينهن کان لڳاتار ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو هو۔ هو متاثرن جي ريسڪيو، خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي ۾ سرگرم رهيو۔ وزيراعليٰ مريم نواز مرحوم جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته: “مشڪل ترين حالتن ۾ عوام جي مدد ڪندي پنهنجي حياتي قربان ڪندڙ فرقان احمد حقيقي هيرو آهن، سندن فرض شناسي کي هميشه ياد رکيو ويندو۔” ياد رهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي فرقان احمد خان گذريل ڏينهن فلڊ رليف آپريشن دوران دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو۔
