گجرات ٻوڏ هيٺ! رڪارڊ برساتن سبب شهر ندي نالن جو منظر پيش ڪرڻ لڳو

گجرات (نمائندو رپورٽ): گجرات شهر لاڳيتو تيز برساتن کان پوءِ مڪمل طور ٻوڏ هيٺ اچي ويو آهي، جتي نيڪال جو نظام ناڪارا ثابت ٿيڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ 4 فٽ تائين پاڻي گڏ ٿي ويو آهي. اهم علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا مدينه سيدان، ڪچهري چوڪ، گوندل چوڪ، ظهور الاهي اسٽيڊيم ۽ جيل چوڪ جهڙا اهم علائقا ندي نالن جو منظر پيش ڪرڻ لڳا آهن. شهرين ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو آهي، جڏهن ته مسجدن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جا اعلانات ڪيا پيا وڃن. ضلعي انتظاميه مڪمل طور بي وس نظر اچي رهي آهي. گهر ۽ دڪان متاثر ٻوڏ جي پاڻي سبب ڪيترائي گهر وهڪرن جي لپيٽ ۾ اچي ويا، هڪ گهر مڪمل طور پاڻي ۾ لڙهي ويو. اربن فلڊنگ سبب دڪانن جو قيمتي سامان به تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته سيشن ڪورٽ سميت ڪيترين ئي سرڪاري عمارتن جي احاطن ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي. شهري زندگي مفلوج پاڻي جي ڪري شهري زندگي مڪمل طور مفلوج ٿي وئي آهي. ماڻهو پنهنجي گهر ڇڏي روڊن ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. بهنڊر ۽ بهمبر نالن ۾ ايندڙ ٻوڏ وهڪرن ڪيترن ئي علائقن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. رڪارڊ برسات موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران گجرات ۽ گوجرانواله ڊويزن ۾ 506 ملي ميٽر تائين رڪارڊ برسات پئي آهي، جنهن کي تاريخ جي بدترين علائقائي برسات قرار ڏنو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو