پنجند وٽان سنڌو درياهه ۾ پهريون وڏو وهڪرو داخل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي۔فلڊ ڪنٽرول روم موجب:ڪوٽ مٺڻ وٽ سنڌوءَ ۾ وهڪرو 4 لک 35 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي۔پنجند مان 2 لک 90 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو سنڌو درياهه ۾ شامل ٿي رهيو آهي۔هيڊ پنجند تي صبح 9 وڳي پاڻي جو وهڪرو 3 لک 10 هزار ڪيوسڪ رهيو، جيڪو رات تائين وڌي 5 لک کان ساڍا 5 لک ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي۔سنڌ جي ٽنهي بئراجز تي به پاڻي جي سطح ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي:گڊو بئراج: مٿانهون وهڪرو 3 لک 59 هزار 570 ڪيوسڪ، هيٺانهون 3 لک 27 هزار 481 ڪيوسڪ۔سکر بئراج: مٿانهون وهڪرو 3 لک 31 هزار 155 ڪيوسڪ، هيٺانهون 2 لک 77 هزار 355 ڪيوسڪ۔ڪوٽڙي بئراج: مٿانهون وهڪرو 2 لک 33 هزار 636 ڪيوسڪ، هيٺانهون 2 لک 9 هزار 431 ڪيوسڪ۔آبپاشي عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي سطح ۾ ايندڙ ڪلاڪن ۾ وڌيڪ واڌ متوقع آهي ۽ انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن۔
