ڪنڌڪوٽ ۾ عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ شاندار ريلي حسيني جماعت جي انتظام هيٺ عاشقانِ رسول ﷺ جي وڏي شرڪت

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ)
12 ربيع الاول عيد ميلادالنبي ﷺ جي بابرڪت موقعي تي حسيني جماعت پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي نورِ مصطفىٰ مسجد مان شروع ٿي، شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي. جلوس ۾ عاشقانِ رسول ﷺ، شهري ۽ درگاهه عاليه ڀرچندي شريف جا شهزاده ميان محمد حسيب قادري، مير اسرار احمد کوسو، حسيني فقير شکل خان مزاري ۽ حسيني جماعت جا ڪارڪن وڏي تعداد ۾ پرجوش نموني شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ سبز جھنڊا ۽ حسيني جماعت جا سفيد جھنڊا هئا، جڏهن⁠ته حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ نعرا رسالت ﷺ ۽ درود و سلام جون صدائون شهر ۾ گونجنديون رهيون. سڄو ماحول نعتن ۽ درود سلام جي صدائن سان معطر رهيو. ريلي جي نگراني تلقي صدر شوڪت فقير، جنرل سيڪريٽري جيئند خان مزاري، استاد عبدالرشيد سولنگي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته: عيد ميلادالنبي ﷺ اسان جي ايمان جي روح آهي. اسان کي گهرجي ته پنهنجي زندگيون حضور اڪرم ﷺ جي تعليمات ۽ سيرت طيبه مطابق گذاريون. شرڪت ڪندڙن اهو عهد ورجايو ته هو اسلام جي سربلندي ۽ حضور ﷺ جي تعليمات تي عمل لاءِ هميشه ڪوشان رهندا

پنھنجي راءِ لکو