🇵🇰 سڄي ملڪ ۾ يومِ دفاع قومي جذبي سان ملهايو پيو وڃي، شهيدن کي ڀيٽا پيش

پاڪستان جي دفاع لاءِ جانين جا نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي ياد ڪرڻ لاءِ اڄ 6 سيپٽمبر – يومِ دفاع پاڪستان جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو پاڪ فوج جي طرفان شهيدن، غازين ۽ انهن جي خاندانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.6 سيپٽمبر – قرباني ۽ حوصلي جو ڏينهن آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو: “6 سيپٽمبر 1965 وارو ڏينهن پاڪستاني قوم جي غيرمتزلزل عزم ۽ ناقابل شڪست حوصلي جي علامت آهي، جنهن ڏينهن قوم ۽ فوج گڏجي دشمن جي جارحيت کي شڪست ڏني.” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو: “شهيدن جي بهادري ۽ قربانيون اسان جي تاريخ جو فخر آهن. انهن جي قربانيون هميشه زنده رهنديون ۽ ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه رهنديون.” دفاع کان علاوه خدمت جا محاذ آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج صرف ملڪي سرحدن جي حفاظت تائين محدود ناهي، پر اندروني طور به دهشتگردي، قدرتي آفتن ۽ آزمائشن ۾ به قوم سان گڏ بيٺي آهي. اداري جي ترجمان چيو: “موجوده ٻوڏ جي صورتحال ۾ به پاڪ فوج متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ امداد لاءِ مڪمل تعاون ڪري رهي آهي.” سادگي سان ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته: “شهيدن جو ڏينهن انتهائي سادگي ۽ عاجزي سان ملهايو پيو وڃي، جتي پوري قوم شهيدن، غازين ۽ انهن جي خاندانن کي سلام عقيدت پيش ڪري رهي آهي.” عزم جي تجديد بيان جي آخر ۾ چيو ويو ته: “اڄوڪو ڏينهن اسان کي اها ياد ڏيارڻ ٿو ته پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي. پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي ٽوڙڻ جي هر ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. رب پاڪ پاڪستان کي هميشه امن، خوشحالي ۽ طاقت عطا فرمائي.”

پنھنجي راءِ لکو