ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ): ڪشمور ضلعي ۾ پوليس جي مختلف ڪارروائين دوران چوري ٿيل ڪار، وڏي رقم ۽ 1500 گرام چرس هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب، 4 سيپٽمبر تي پوليس هڪ اثرائتي حڪمت عملي تحت آڪاش ڪمار گهياڻي سان ڦرلٽ واري واقعي ۾ لُٽيل رقم هٿ ڪري اصل مالڪ جي حوالي ڪئي. شهرين پوليس جي بروقت ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي ساراهيو. ساڳئي ڏينهن، پوليس اسٽيشن اي سيڪشن ڪنڌڪوٽ جي حد ۾ هڪ شڪي شخص کي روڪيو ويو، ڳولا دوران جوابدار وسيم پٽ بهرام شيخ جي قبضي مان 1500 گرام چرس هٿ آئي. جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو. ان کان علاوه، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي هدايت تي ايس ڊي پي او ڪنڌڪوٽ فراز علي متلو ۽ انچارج سي سيڪشن ڪنڌڪوٽ علي نواز سبزوئي جي اڳواڻي ۾ هڪ اهم آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران تاج محمد جکراڻي جي گهر مان 4 سيپٽمبر تي چوري ٿيل مهراڻ ڪار (نمبر: BJG348، ماڊل 2016) هٿ ڪري اصل مالڪ کي واپس ڪئي وئي. ايس ايس پي ڪشمور پوليس ٽيم جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي اولين ترجيح آهي ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي مستقبل ۾ به وڌيڪ تيزي سان جاري رهندي.
