نئون ديرو ڀرسان ٽريفڪ حادثو: مڙس زال فوت، ٻه ٻارڙا زخمي

نئون ديرو ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار مزدا جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار مدئجي واسي قربان پنهور ۽ سندس زال تسليم موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ساڻن گڏ ٻه معصوم ٻارڙا زخمي ٿي پيا.فوت ٿيلن جا لاش نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جو ماسات محمد يوسف ٻڌايو ته هو مدئجي ڀرسان ڳوٺ پنهور پليجا جا رهواسي آهن، گهر ۾ شادي جي تقريب لاءِ خريداري ڪرڻ لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. قربان پنهور مدئجي ۾ دڪان هلائي ٻچڙن جو گذر سفر ڪندو هو.پوليس مطابق حادثي جو ذميوار ڊرائيور محمد رفيق لولائي کي موقعي تان گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو.هوڏانهن علائقي واسين ۽ وارثن جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه تي تيز رفتاري ۽ ٽريفڪ پوليس جي غير موجودگي سبب اهڙا حادثا روز جو معمول بڻيل آهن.

پنھنجي راءِ لکو