وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري لنڊن روانو

وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ رياض کان لنڊن روانو ٿي ويو آهي۔ ايئرپورٽ تي رياض جي نائب گورنر محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وزيراعظم کي الوداع ڪيو۔ وزيراعظم شهباز شريف اهو دورو سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي دعوت تي ڪيو، جتي مختلف اهم ملاقاتون پڻ ٿيون۔ دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي۔ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تازي سعودي عرب دوري دوران شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ ۽ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون۔ اهو معاهدو دفاعي تعاون ۽ گڏيل سلامتي ۾ هڪ انقلابي اڳڀرائي آهي۔ معاهدي موجب ڪنهن به ملڪ تي جارحيت ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ٿيندي، جنهن سان دفاعي اتحاد ۽ گڏيل تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي۔ ان تحت پاڪستان هاڻي حرمين شريفين جي تحفظ ۽ سعودي عرب جي سلامتي لاءِ اسٽريٽجڪ پارٽنر بڻجي ويو آهي۔ اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي ٻڌل فوجي تعاون، گڏيل مشقن ۽ دفاعي لاڳاپن کي هڪ باقاعده اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۾ بدلائي ٿو۔ ان سان نه صرف خطي ۾ امن ۽ عالمي سلامتي کي هٿي ملندي پر اقتصادي، سفارتي ۽ عسڪري شعبن ۾ به وڏا موقعا پيدا ٿيندا۔

پنھنجي راءِ لکو