ايراني صدر مسعود پزشڪيان: ايران ٻيهر پابندين جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو

تہران: اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ ايران تي پابنديون ختم ڪرڻ واري قرارداد رد ٿيڻ تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي۔ ايراني صدر چيو ته ايران هر صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پابندين سان رستا روڪي سگهجن ٿا پر دماغ ۽ خيالات هميشه نوان رستا کولين ٿا ۽ ٺاهين ٿا۔ هن وڌيڪ چيو: “اسان جا ائٽمي مرڪز نشانو بڻائي سگهجن ٿا، پر حملو ڪندڙ اسان کي روڪي نٿا سگهن۔ نطنز کي انسان ٺاهيو هو ۽ اهي ئي ٻيهر ان کي ٺاهي سگهن ٿا۔” مسعود پزشڪيان واضح ڪيو ته ايران ڪڏهن به ناجائز ۽ حد کان وڌيل مطالبن آڏو هٿيار نه وجهندو ۽ ملڪ وٽ حالتن کي بدلڻ جي طاقت موجود آهي۔ ياد رهي ته اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ايران تي پابنديون ختم ڪرڻ واري قرارداد رد ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ايران تي جوهري ۽ اقتصادي پابنديون برقرار رهنديون۔ ووٽنگ ۾ پاڪستان، چين، روس ۽ الجزائر ايران جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 9 ميمبرن مخالفت ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو