سنڌ ۾ ضمني بلدياتي چونڊون: حساس پولنگ اسٽيشنز تي رينجرز مقرر ڪرڻ جي سفارش

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 24 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ضمني بلدياتي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وفاقي گهرو وزارت کان رينجرز جون خدمتون طلب ڪري ورتيون آهن. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن طرفان وفاقي گهرو وزارت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن جي ضلع شرقي، غربي، ڪياماڙي ۽ ضلعي عمرڪوٽ جي نهايت حساس پولنگ اسٽيشنز تي سنڌ رينجرز مقرر ڪيا وڃن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رينجرز کي گڏيل خدمتن، پيٽرولنگ ۽ ڪوئڪ رسپانس فورس طور به ذميواريون ڏنيون وڃن ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچي سگهجي ۽ چونڊون پرامن ماحول ۾ مڪمل ٿي سگهن. اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 220 تحت وفاقي ۽ صوبائي ادارن تي لازم آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪن ۽ چونڊن جي دوران مناسب سيڪيورٽي فراهم ڪن، ڇو ته آزاد، شفاف ۽ پرامن چونڊن کي يقيني بڻائڻ حڪومت جو بنيادي فرض آهي.

پنھنجي راءِ لکو