اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف عالمي يوم امن جي موقعي تي ڌار ڌار پيغام جاري ڪندي پاڪستان جي امن ۽ انصاف جي اصولن تي غير متزلزل عزم جو اظهار ڪيو آهي۔ صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان دنيا ۾ پائيدار ۽ منصفاڻي امن لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔ هن چيو ته عالمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي سڄي دنيا ساراهيندي آهي۔ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ آيل جمو ۽ ڪشمير ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني المين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔ هن واضح ڪيو ته پائيدار امن تڏهن تائين ممڪن ناهي جيستائين انهن علائقن جي عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حق خوداراديت نٿو ڏنو وڃي۔ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن، انصاف ۽ انسانيت جي جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، جڏهن ته عالمي برادري کي به گهرجي ته اها انهي مقصد لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري۔ شهباز شريف چيو ته موجوده دور ۾ تڪرار ۽ ناانصافيون انسانيت جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن، ۽ هر فرد ۽ هر قوم کي امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ هن چيو ته پاڪستان کي فخر آهي ته ان عالمي امن جي قيام ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ شموليت ۽ متاثر آبادين کي انساني بنيادن تي مدد مهيا ڪرڻ پاڪستان جي انهي ڪوششن جو حصو آهي، جن سان تڪرارن جي شڪار علائقن ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ملي۔
