پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ منهنجا لاءِ الله جا مهمان آهن، حڪومت هارين کي 20 هزار روپيه في ايڪڙ جي حساب سان امداد فراهم ڪندي. ساهيوال ۾ اليڪٽرڪ بسن جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز ٻڌايو ته ساهيوال لاءِ 30 اليڪٽرڪ بسون کڻي آئي آهيان، جتي ماڻهو هاڻي صرف 20 روپين ۾ سفر ڪري سگهندا، جڏهن ته عورتن، شاگردن، بزرگن ۽ اسپيشل ماڻهن لاءِ بس سروس بلڪل مفت هوندي. اسپيشل ماڻهن لاءِ ريمپ ۽ سي سي ٽي وي مانيٽرنگ جو نظام به قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻوڏ ۾ 25 لک ماڻهن ۽ 20 لک کان وڌيڪ مال مويشي کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. جن جا گهر مڪمل طور تباهه ٿيا آهن، انهن کي 10 لک روپيه، جڏهن ته مٽيءَ جا گهر ڪرڻ وارن کي 5 لک روپيه ڏنا ويندا. جن جا مال مويشي لڙهي ويا، انهن کي به مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، ڳئون يا مينهن لاءِ 5 لک روپيه ۽ رڍ يا ٻڪري لاءِ 50 هزار روپيه ڏنا ويندا. مريم نواز جو چوڻ هو ته پنجاب جي هر ضلعي ۾ بي گهر ماڻهن لاءِ گهر ٺهندا، 15 لک گهراڻن کي راشن ڪارڊ ڏنا پيا وڃن ۽ پنهنجي گهر اسڪيم تحت 80 هزار گهر ٺهندا. وزيراعليٰ جو ڪم آهي ته ڏکئي گهڙي ۾ عوام سان گڏ بيٺو هجي، ڪو به ماڻهو حڪومت ۾ هوندي سک سان ننڊ نه ڪري. مريم نواز وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدو هڪ اهم سنگ ميل آهي، جيڪو ملڪ جي وقار ۾ اضافي جو سبب بڻيو آهي.
