سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ترڪي ۽ بنگلاديش جي سفارتڪارن جون ملاقاتون، سرمائيڪاري ۽ واپار وڌائڻ تي اتفاق

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ترڪي جي نئين قونصل جنرل ارگل ڪدڪ ۽ بنگلاديش جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر محمد ثاقب صداقت الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جن ۾ گڏيل واپار ۽ سرمائيڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ ترڪي جي قونصل جنرل کي ڀليڪار ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا پراڻا ۽ مضبوط آهن، جن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت ترڪي سان ڀرپور تعاون ڪندي ۽ صوبي ۾ توانائي، پاڻي، روڊن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت ڪيترن ئي ميگا پروجيڪٽس ۾ ترڪ سرمائيڪارن لاءِ وڏا موقعا موجود آهن۔ ترڪي جي قونصل جنرل ارگل ڪدڪ چيو ته ترڪ سرمائيڪار سنڌ ۾ دلچسپي رکن ٿا، ڪراچي هڪ بهترين شهر آهي ۽ هتي محبت ڪندڙ ماڻهو رهن ٿا۔ ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ جو سربراهه جلد ترڪي جي قونصل جنرل سان گڏجي سرمائيڪاري جي منصوبن تي اڳڀرائي ڪندو۔ هوڏانهن، بنگلاديش جي نئين ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات دوران مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش پاڙيسري مسلمان ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي۔ ملاقات ۾ تازي ٻوڏ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔

پنھنجي راءِ لکو