اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججز جون داخل ڪيل آئيني درخواستون اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيون آهن۔ ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواستن تي اعتراض داخل ڪيا آهن۔ اعتراضن ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذارن واضح ناهي ڪيو ته ڪهڙو مفاد عامه جو سوال موجود آهي ۽ ڪهڙا بنيادي حق متاثر ٿيا آهن، جو آرٽيڪل 184/3 جو دائرو استعمال ٿئي۔ رجسٽرار موجب درخواستگذارن ذاتي رنجش جي بنياد تي غير معمولي دائري ۾ درخواستون داخل ڪيون، جڏهن ته اهڙي اجازت سپريم ڪورٽ جو “ذوالفقار مهدي پي آءِ اي ڪيس” به نٿو ڏئي۔ مزید چيو ويو ته آرٽيڪل 184/3 جي درخواست جون لازمي گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون، نه ته درخواستن ۾ پڪا سبب بيان ڪيا ويا ۽ نه ئي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ لاءِ وضاحت ڪئي وئي۔ ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججز، جن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس سردار اعجاز اسحاق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل هئا، هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي اختيارن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواستون داخل ڪيون هيون۔
