عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف ٽرائل آخري مرحلي ۾ داخل، سڀ گواهه پيش ٿي چڪا

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه 2 ڪيس اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي ڪيس جي ٽرائل دوران استغاثه جا سڀ گواهه پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن. عدالت ايندڙ ٻڌڻي لاءِ 24 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، جتي باقي ٻن گواهن تي وڪيل صفائي طرفان جرح ڪئي ويندي. اها ٻڌڻي اڊياله جيل ۾ خاص عدالت ۾ اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند جي اڳواڻي ۾ ٿي، جتي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران نيب جي آفيسر محسن هارون ۽ ايف آءِ اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد پرويز پنهنجا بيان قلمبند ڪيا. انهن ٻنهي گواهن جي شهادتن تي هاڻي 24 سيپٽمبر تي وڪيل صفائي طرفان جرح ڪئي ويندي. ٽولي طور ڪيس ۾ 20 گواهن جون شهادتون قلمبند ڪيون ويون آهن، جن مان 18 گواهن تي جرح مڪمل ٿي چڪي آهي. وڌيڪ ڪوبه گواهه هاڻ پيش نه ڪيو ويندو، جنهن جو مطلب آهي ته ٽرائل جلد ئي فائنل مرحلي ۾ داخل ٿيندو، جتي دليلن کان پوءِ فيصلو جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻڌڻي دوران عمران خان جون ٽئي ڀينرون، بشريٰ بي بي جي ڀيڻ مهرالنساءِ احمد، سينيٽر مشال يوسفزئي ۽ سينيٽر علي ظفر به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا. عدالت ۾ وڪيل صفائي ارشد تبريز ۽ ظهير چوڌري پيش ٿيا، جڏهن ته استغاثه طرفان اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي ذوالفقار عباس نقوي ۽ عمير مجيد ملڪ عدالت ۾ موجود هئا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي، ايندڙ تاريخ 24 سيپٽمبر 2025 مقرر ڪئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو