ڄام صادق پل هڪ هفتي ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد، شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڄام صادق پل هڪ هفتي اندر مڪمل ٿي ويندي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڄام صادق پل هاڻ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته هڪ هفتي ۾ ان کي مڪمل ڪيو وڃي. پل تي پنڌ هلڻ ۽ سائيڪلنگ جي به سهوليت فراهم ڪئي وئي آهي. شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ کاتو مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ عورتن کي اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ڏيڻ ۽ ڪراچي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسن جي فراهمي شامل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ لاءِ پلانٽس به لڳايا ويندا. هن چيو ته گيس ڪمپني لائينون منتقل ڪرڻ لاءِ ڪروڙين روپيه گهريا هئا، جنهن سلسلي ۾ هڪ اداري سان ڳالهيون جاري آهن. ييلو لائن ۽ بي آر ٽي سميت انهن جا ڊپوز تيز رفتاري سان تيار ڪيا پيا وڃن. شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته چين ڌاٻيجي ۾ مينو فيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، جڏهن ته توانائي شعبي سميت مختلف معاملن تي چين ۾ ڳالهيون ٿيون آهن. صدر آصف علي زرداري چاهي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن کي چين ۾ تربيت ڏني وڃي ته جيئن مقامي سطح تي به جديد سهولتون مهيا ڪري سگهجن.

پنھنجي راءِ لکو