ڪراچي: دهشتگردي جي عدالت ۾ ٽائون چيئرمين چنيسر خلاف ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت جاچ تي سخت سوال اُٿاريا

ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٽائون چيئرمين چنيسر ۽ ٻين خلاف سرڪاري ملازمن تي تشدد واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت جاچ تي سوال اُٿاريندي ريمارڪس ڏنا ته فرحان غني کي ڪهڙي سيڪشن تحت آزاد ڪيو ويو؟ رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. سماعت دوران جوابدار فرحان غني سميت ٻيا به عدالت ۾ پيش ٿيا، جاچ آفيسر ٻڌايو ته 25 آگسٽ تي ٻن گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. عدالت ريمارڪس ڏنا ته گواهن جي بيانن موجب سرڪاري ڪم بند ڪرايو ويو. عدالت جاچ آفيسر کان وڌيڪ پڇاڻو ڪيو ته دهشتگردي جي ڪيس ۾ جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو اطلاق ڪيئن ٿيو؟ جاچ آفيسر وضاحت نه ڪري سگهيو ته مدعي جو بيان ڪهڙي قانون تحت رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جي قانون ۾ مصالحت جي ڪا گنجائش ناهي. سرڪاري وڪيل موقف ڏنو ته هي ڪيس اي ٽي سي جو نٿو بڻجي، ڇو ته سرڪاري ڪم هلندڙ هو، دهشتگردي جو ڪو عنصر شامل ناهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي مدعي يا گواهن کي طلب ڪري ورتو.

پنھنجي راءِ لکو