ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ گهر جي ٻاهران هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل معصوم نينگر علي رضا سومرو کي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي بازياب ڪرائي ورتو، جاچ دوران حيرت انگيز انڪشاف ٿيو ته نينگر کي سندس پنهنجي مامو اغوا ڪيو هو. تفصيل موجب سي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ٻار جي معاملي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو کي سخت حڪم ڏنا ته ٻار کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. پوليس ٽيم تحقيقات دوران ڳولا ڪئي ته معاملو اصل ۾ خاندان جو اندروني هو. پوليس مطابق، ٻار جو مامو شعيب سومرو مالي مسئلن سبب پنهنجي ئي ڀاڻيجي کي اغوا ڪري وارثن کان رقم وٺڻ لاءِ ڊرامو رچايو. پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ٻار کي صحيح سلامت بازياب ڪرايو ۽ ملزم کي گرفتار ڪيو. واقعي بابت ڪيس نمبر 272/2025 تحت سيڪشن 399 ۽ 402 پي پي سي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جاچ دوران گرفتار ٿيل ملزم پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته مالي ڏکيائن سبب هن هي قدم کنيو.
