ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ وڏي چوري جي واردات، ٿاڻي کان رڳو 200 فوٽ جي فاصلي تي نامعلوم هٿياربند پنج دڪانن جون ڇتيون ٽوڙي قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، واپارين پاران پوليس جي نااهلي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. تفصيل موجب، گذريل رات دير سان هٿياربند چورن بخشاپور مارڪيٽ ۾ پنج دڪانن جون ڇتيون ٽوڙي لکين رپين جو سامان چوري ڪيو. حيرت جو مقام آهي ته واردات پوليس ٿاڻي جي بلڪل ڀرسان ٿي، پر پوليس جي گشت ۽ ڪارڪردگي تي وڏا سوال اٿيا آهن. عيني شاهدن مطابق چور ڪلاڪن تائين بنا ڪنهن ڊپ جي سامان لوٽيندا رهيا ۽ بعد ۾ آساني سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس جو ڪو به اهلڪار موجود نه هو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ تصديق ڪندي چيو ته جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي ۽ جلد گرفتارين عمل ۾ ايندي. ٻئي طرف متاثر دڪاندارن ۽ مارڪيٽ مالڪ نواز علي خان ڊومڪي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته “پوليس جي بدترين نااهلي سبب ٿاڻي جي اڱڻ ۾ هيڏي وڏي واردات ٿي ۽ ڪنهن کي خبر به نه پئي.” واپارين ۽ شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي چورن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ متاثرن کي سندن لوٽيل سامان واپس ڪرايو وڃي۔
