ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، مدرسا محلا مان هٿياربندن اٺ ورهين جو نينگر اغوا ڪري ورتو. مليل ڄاڻ موجب، نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن نور محمد سومري جو پٽ علي رضا کي گهر جي ٻاهران هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فرار ٿي ويا. ويندي ويندي اغواڪارن گهر جي آڏو هڪ پرچي اڇلائي ڇڏي جنهن ۾ ڏيڍ لک روپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي. واقعي کان پوءِ نينگر جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، جڏهن ته شهر ۽ علائقي ۾ به شديد خوف ۽ حراس ڇانيل آهي.
