وزارتِ خارجه جي ذريعن موجب، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان رواں سال پاڪستان جو دورو ڪندا، جنهن جي تاريخن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد بن سلمان 31 ڊسمبر کان اڳ پاڪستان جو دورو ڪندا. هي دورو خاص اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻتہ تازو ئي وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عرب جي دوري دوران ٻنهي ملڪن ۾ وڏو دفاعي معاهدو طئي پيو هو.
ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ اسٽريٽجڪ باهمي دفاعي معاهدي تي دستخط ڪيا ويا هئا، جيڪو ٻنهي ملڪن جي سلامتي ۽ گڏيل عزم جو عڪس قرار ڏنو پيو وڃي. معاهدي ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به ملڪ طرفان جارحيت ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪئي ويندي.
هي معاهدو نه صرف ٻنهي ملڪن جي سلامتي ۽ دفاع کي مضبوط ڪرڻ جو عزم ڏيکاري ٿو پر خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن جو به اعاده ڪري ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات عالمي سطح تي وڏي توجهه حاصل ڪئي هئي. ان ملاقات ۾ فِيلڊ مارشل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻيا اهم وزير به موجود هئا. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان کي مڪمل تعاون جي به يقيندھاني ڪرائي هئي. هاڻي تازو ٿيل اهم دفاعي معاهدي کان پوءِ سندس رواں سال پاڪستان جو دورو تمام گهڻي اهميت جو حامل هوندو ۽ ان جا پائيدار نتيجا نڪري سگهن ٿا.
