پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سياحتي شهر مري لاءِ اهم ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي۔مري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ٿوري ئي وقت ۾ نوازشريف ڪارڊيالوجي سينٽر تعمير ڪيو ويو، جيڪو هاڻ ڪم شروع ڪري چڪو آهي ۽ 5 مريضن جي انجيوگرافي به ٿي چڪي آهي، جلد ئي ڪارڊيڪ سرجري پڻ شروع ڪئي ويندي۔ هن ٻڌايو ته هوءَ سينٽر جو دورو ڪري مريضن سان ملاقات به ڪري آئي آهي۔هن چيو ته اڳ ۾ مري کي ڊسٽرڪٽ جو درجو ته ڏنو ويو هو پر سمورا آفيسر راولپنڊي جا هوندا هئا، هاڻ مري جو پوليس، هيلٿ ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ مڪمل طور ڌار ڪيو ويو آهي۔ مريم نواز چيو ته “مون اعلان بعد ۾ ڪيو، پر ڪم پهريان ڪرائي ڇڏيو، روڊ ٺهرائي ڇڏيو آهي۔”وزيراعليٰ ٻڌايو ته مري جي اسڪولن جي اپ گريڊيشن ڪئي پئي وڃي، پاڻي ۽ سينيٽيشن لاءِ وڏا منصوبا آندا پيا وڃن، جڏهنته مري ۾ ٽورازم فورس به ٺاهي وئي آهي، جيڪا سياحت کي وڌيڪ محفوظ ۽ پرڪشش بڻائيندي۔مريم نواز چيو ته ايڪسپريس وي تعمير ڪئي وئي، جنهن سان لکين ماڻهو آسانيءَ سان اچ وڃ ڪن ٿا۔ “سٿرو پنجاب” مهم تحت مري ۾ صفائي به جاري آهي۔ ڪارڊيڪ سينٽر مان هاڻ گليات جا ماڻهو به فائدو وٺي رهيا آهن، ڀوربن ۾ جديد سهولتن سان ليس نئين اسپتال قائم ڪئي ويندي، جڏهنته ساملي اسپتال لاءِ 3 بسون پڻ هلائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته مري لاءِ 15 بسن جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي، جن مان شاگرد، بزرگ ۽ عورتن لاءِ گرين لائن بس مفت هوندي۔ مري لاءِ ٽرين به شروع ڪئي ويندي، جنهن سان سياحن کي پنهنجي گاڏين ۾ اچڻو نه پوندو۔مريم نواز تنقيد ڪندي چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن صرف اعلان ڪيا ۽ ڪوڙا واعدا ڪيا، پر اسان بغير اعلانن جي عملي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي۔ “پنجاب ۾ بدترين ٻوڏ آئي، پر اسان آفيسن ۾ نه ويٺاسين، ميدان ۾ ڪم ڪيو۔ جيڪي چون ٿا اسان خاموشي سان ڪم ڪندا آهيون، اهي اصل ۾ ڪم ئي ناهن ڪندا، اسان نتيجا ڏيکاري ڇڏيا آهن۔”
