آزاد ڪشمير مظاهرا: وزيراعظم شهباز شريف جا خدشا، شفاف جاچ ۽ ڳالهين واري ڪميٽي جو اعلان

وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ مظاهرن دوران پيش ايندڙ اڻوڻندڙ واقعن تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي واقعي جي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي.پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مظاهرين سان صبر ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن، عوامي جذبات جو احترام ڪن ۽ غير ضروري سختي کان پاسو ڪيو وڃي.وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪشميري ڀائرن جي مسئلن جي حل لاءِ هر وقت تيار آهي. هن متاثر خاندانن تائين فوري امداد پهچائڻ ۽ واقعي جي مڪمل جاچ يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو.حڪومتي سطح تي مسئلن جي پرامن حل لاءِ وزيراعظم ڳالهين واري ڪميٽي ۾ واڌ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. ڪميٽي ۾ راڻا ثناءُالله، وفاقي وزير سردار يوسف، احسن اقبال، اڳوڻو صدر آزاد ڪشمير مسعود خان ۽ قمرالزمان ڪائره کي شامل ڪيو ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڳالهين واري ڪميٽي مظفرآباد وڃي ۽ مسئلن جو فوري حل ڪڍي. ساڳي وقت وزيراعظم ڪشمير ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ قيادت کي اپيل ڪئي ته هو حڪومتي ڪميٽي سان مڪمل تعاون ڪن.شهباز شريف ملڪ واپسي تي ڳالهين جي عمل جي سڌي نگراني جو اعلان ڪندي چيو ته ڪميٽي پنهنجون سفارشون ۽ حل جلد کان جلد وزيراعظم آفيس ڏانهن اماڻيندي.

پنھنجي راءِ لکو