دفاع واري وزير خواجه آصف جي آزاد ڪشمير جي عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل

دفاع واري وزير خواجه آصف آزاد ڪشمير ۾ جاري احتجاجن تي ردعمل ڏيندي عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ خواجه آصف چيو ته، “آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙن کان گذارش آهي ته اهي والاريل ڪشمير جي ٽن نسلن جي جدوجهد تي غور ڪن. اڄ توهان وٽ جيڪو ڪجهه آهي، اهو سڀ ڪجهه انهن جي قربانين جو نتيجو آهي. ڪشمير جا ماڻهو پنهنجي آزاديءَ جي تاريخ رت سان لکي رهيا آهن.”هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير جي تحريڪ ۾ هڪ نسل جيلن ۾ پنهنجي جواني پوڙهائپ ۾ گذاري ڇڏي، ڪيترن ئي پنهنجون زندگيون قربان ڪيون، ۽ هر روز پاڪستان سان محبت جي قيمت ادا ڪري رهيا آهن. خواجه آصف جو چوڻ هو ته ڪشمير جي جنگن ۾ شهيد ٿيندڙ فوجين ۾ پنجابي، پختون، بلوچ، سنڌي، گلگتي ۽ بلتي شامل آهن، “پاڪستان پنهنجو وجود ڪشمير جي آزادي لاءِ داءُ تي لڳايو آهي ۽ لڳائيندو، ڇو ته اهو اسان جي ايمان جو جز آهي.”دفاع واري وزير چيو ته سندس چونڊ تڪ سيالڪوٽ ۾ ڪشميري پناهگيرن جو وڏو انگ آهي. “آڪٽوبر 1947ع ۾ جمون-سيالڪوٽ بارڊر ڪراس ڪندي هڪ لک ڪشميري مسلمان شهيد ٿيا، هزارين عورتن جون عزتون لٽيون ويون ۽ هزارين اغوا ٿي ويون. حاجي پوره، هجوات ۽ پڪا گڙها ڪيمپن ۾ هر گهر پاڪستان سان محبت جي قيمت پنهنجين حياتين جي صورت ۾ ادا ڪئي آهي.”


پنھنجي راءِ لکو