“مون کي موت کان الله بچايو” – آزاد ڪشمير ۾ زخمي پوليس اهلڪار جو درد ڀريو بيان

آزاد ڪشمير ۾ جاري احتجاج دوران تشدد جو نشانو بڻيل پوليس اهلڪار پنهنجي زخمي حالت ۾ ٻڌايو ته مظاهرين جبلن تان فائرنگ ڪئي ۽ ڪوڪا لڳل ڏنڊن سان اهلڪارن تي حملو ڪيو.زخمي اهلڪار موجب، احتجاج ڪندڙ نه صرف پوليس کان هٿيار ڦري ويا پر ڳوڙها آڻيندڙ شيل به استعمال ڪيا ويا. هن ٻڌايو ته “اسان بار بار چيو ته پرامن احتجاج ڪريو، اسان کي ڪو اعتراض ناهي، پر مظاهرين جبلن تي چڙهي مٿان کان فائرنگ شروع ڪري ڏني.”پوليس اهلڪار جو چوڻ هو ته شرپسند مظاهرين رهائشگاهن جو گهيراءُ ڪيو، سامان کي باهه ڏئي ساڙيو ۽ ڪنٽينر به هٽايو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته “اسان جي حياتي رڳو الله بچائي، ڇو ته مظاهرين وٽ 30 بور ۽ نائن ايم ايم پسٽول به هئا. مون جيڪا ايمبولينس ۾ ويٺي وڃي رهيو هئس، اها به تباهه ڪئي وئي.”ياد رهي ته آزاد ڪشمير ۾ جاري هن احتجاج دوران 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 شهري فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙ ڌرين ۾ ڳالهين جي ڪوششون جاري آهن.

پنھنجي راءِ لکو