پنجاب حڪومت جو فيصلو: ٻوڏ متاثرن لاءِ فلڊ رليف اي ٽي ايم ڪارڊ جاري ٿيندا

پنجاب حڪومت ٻوڏ جي متاثر علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ فلڊ رليف اي ٽي ايم ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي۔ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا موجب نوان ڊيبٽ ڪارڊز علائقائي سروي کان پوءِ متاثرن کي ڏنا ويندا، ۽ نقصانن جي نوعيت موجب متاثرن لاءِ رقم مقرر ڪئي ويندي۔ڪجهه ڏينهن اڳ پراونشل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) ٻوڏ نقصانن جا تفصيل جاري ڪيا هئا، جنهن مطابق هڪ مهيني ۾ سروي مڪمل ڪيو ويندو ۽ متاثرن کي امداد جي فراهمي جو واضح طريقو طئي ڪيو ويو آهي۔رپورٽ موجب ٻوڏ سبب پنجاب جي 27 ضلعن جي 3 هزار 775 هنڌن کي نقصان پهتو، جن مان ناروال ۾ 428، سيالڪوٽ ۾ 377 ۽ جهنگ ۾ 322 هنڌ شامل آهن۔متاثرين ۾ رقم جي ورهاست لاءِ بينڪ آف پنجاب جا مرڪز قائم ڪيا ويندا، جڏهن ته پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ موبائل ذريعي نقصانن جي ڊيٽا بابت آگاهي ڏيندو۔ ان کان سواءِ پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي ۽ نادرا نقصانن جي تصديق ڪندا۔

پنھنجي راءِ لکو