سکر جي نفسياتي نشو ڇڏرائڻ واري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا تشدد سبب مريض فوت ٿي ويو، وارثن جو احتجاج، تشدد جو الزام ,سکر جي سئو فٽ روڊ تي قائم نشو ڇڏرائڻ واري اسپتال ”شيراز“ ۾ داخل نئون ديرو واسي 20 ورهين جو نوجوان نظير ولد ممتاز جوڳي فوت ٿي ويو. وارثن جو الزام آهي ته فوتي نوجوان کي ڊاڪٽرن تشدد ڪري ماريو. وارثن سڌير جوڳي، زاهد جوڳي، جوڳي جاڳو اتحاد جي اڳواڻ عامر جوڳي ۽ ٻين اسپتال ٻاهران احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان پنهنجي نوجوان کي نشي جي عادت ڇڏرائڻ لاءِ 25 سيپٽمبر تي 16 هزار رپيا فيس ڏئي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو. ٽن ڏينهن بعد مريض سان فون تي ڳالهه ٿي، جيڪو ٺيڪ هو، پر ان جي ٻئي ڏينهن صبح ڊاڪٽرن اطلاع ڏنو ته مريض فوت ٿي ويو آهي ۽ لاش رور سٽي اسپتال ۾ پيل آهي. وارثن جو چوڻ هو ته فوتي جي ڳلن ۽ پٺي تي تشدد جا واضح نشان آهن، جن جا تصويري ثبوت به موجود آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪيو.ٻئي پاسي، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اسپتال انچارج عبدالسميع عباسي مظاهرين سان ڳالهين ڪندي جاچ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت گهري، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو
