اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب تي حملي خلاف حيدرآباد ۾ صحافين جو احتجاج

اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب تي ٿيل حملي خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس (ايڇ يو جي) جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙهيو ويو ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي ميمبر اقبال ملاح، ايڇ يو جي صدر وسيم خان، جنرل سيڪريٽري ڄام فريد لاکو، منصور مري ۽ ٻين ڪئ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد تي حملو دراصل آزاد صحافت تي حملو آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي. هنن چيو ته پوليس جي چڙهائي حڪومت جي رٽ تي وڏو سوال آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ صحافين تي ٿيل تشدد جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي ۽ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.احتجاج ۾ اڪبر درس، نظام مگسي، سکر لاشاري، راجا انور چانڊيو، منير نارائي، خادم چانڊيو، راحبا خان، فاضل چنه، شوڪت ميمڻ، رياض بجير، نياز ملاح، اعجاز کوسو، ياسر ڪورائي، نعيم شاهه، نويد ڪي ڪي، سجاد زئي ۽ ٻين صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو